آهي تندرستي، دولت سچي سا،
جيءُ خوشي جهان خوش، اِئين چون ٿا،
اهڙي اَملهه شيءِ جي، ڳڻتي جُڳائي،
ڇڏڻ گهرجي ڪينَ ڪِي، تنهن کي ڦِٽائي.
گندين عادتن کان، پاسو تِتِ ڪجي،
صفائيءَ تي هر طرح، سدا ڌيان ڏجي.
محمد صديق ”مسافر“
آهي تندرستي، نعمت هڪ عجيب،
جهڙي شاهوڪار لاءِ تهڙي ڪاڻ غريب.
مال خزانا ڪيترا، ڪنهن وٽ لک هجن،
هيرا موتي اَڻ مَيا، وَٽس پيا رُلن،
پر جي هوندو ڪينَ ڪي، سَگهو تَنهن جو تَن،
نه وڻندو ڪينَ تنهن کي، اُهو سارو ڌَنُ.
آهي تندرستي، دولت سچي سا،
جيءُ خوشي جهان خوش، اِئين چون ٿا،
اهڙي اَملهه شيءِ جي، ڳڻتي جُڳائي،
ڇڏڻ گهرجي ڪينَ ڪِي، تنهن کي ڦِٽائي.
گندين عادتن کان، پاسو تِتِ ڪجي،
صفائيءَ تي هر طرح، سدا ڌيان ڏجي.
محمد صديق ”مسافر“