سڙِي تُون ٻين کي ڏئين ٿو سُهائي،
رکيل تو ۾ ڪيڏي نه آهي چڱائي،
پري کان منجهيل جِي ڪرين رهنمائي،
ڏِيئا تو ۾ آهي سراسر سَچائِي،
سچو دوست، دشمنَ تي دلسوز آهين،
سچائيءَ سان سڀ جو شب افروز آهين.
هوا ساڻ سر لاٽ جو ٿو جُهڪائين،
ٿو نوڙت ڪندي پنهنجي جيوت بچائين،
حياتيءَ جو مقصد سڄو ٿو ٻڌائين،
ٻين لاءِ پنهنجو ٿو تن من جلائين،
جَلِي جي ٻين کي سُهائو ڏين ٿا،
لکين گهور تن تان، پتنگا ٿين ٿا.
ليکراج ڪشنچند عزيز