ڪلاس ٽيون (7)
ڏِسي دنيا ۾ عجب نِظارا، سائينءَ جي سَگهه سمجُهه پيارا، اُڀ ۽ ڌرتيءَ تي اِسرارَ، جوڙيا سائينءَ سڀ جِنسارَ.
اعليٰ تنهنجو شان، پيارا پاڪستان! پيارا پاڪستان، اعليٰ تنهنجو شان.
ڏِسو ڏسو اي ٻارو گُلُ! سُهڻو، گُلُ هي پيارو گُلُ! ٻُوٽن تي ٿي جوت جَلي، ڌرتيءَ جو آ تارو گُلُ!
محنت ڪر تون محنت ٻار، محنت سان ٿيندين هوشيار! وِهنجي سِهنجي نيرن کائي، اُجرا ڪپڙا پهري ڀائي، مڪتب ڏي ٿي ترُت تيار، محنت ڪر تون…
کڻي هٿ دعا ٿو گهران اي ڌڻي! ملي سمجهه ساڃاهه مون کي گهڻي!