آئي رُت بسنتجي، ٽاريون سڀ ٽلن،
موتيو، چنبيلي مگرو، کڙيو سڀ کِلن،
خيرو آهه خوشيءَ ۾ ، ٽانگر ٿا ٽمڪن،
جهولن ۽ جهمڪن، گُلڙا گلستان ۾.
آئي رُتِ بسنت جي، پکي لات لَنون،
پوپٽ مٿان گُلن جي، رانديون رُونَديون ڪن،
جهجهي مکين ميڙي، ماکِي مانارن،
جشن ڪيا جيتن، جان آئي مُندَ بهار جي.
آئي رُت بسنتَ جي، جهڳمڳ ۾ جهنگن،
پن پراڻا ڪيترا، ڇڃيو سڀ ڇڻن،
جي وڻ پاري ساڙيا، سي اڄ ساهه کڻن،
جهليو ٻوُر وڻن، ڏسو ڪم ڪريم جا.
ڀلي رُت بسنت جي، جنهن ۾ سرهائي،
ڀلو ڌڻي پاڻ آهه، جو ڪري ڀلائي،
ڪريان تنهن قادر جي، ڪيڏي وڏائي،
سائين سدائي، ڪري مِهر مڙنِ تي.
ڀيرومل ”غريب“