هِڪِڙِي تَِنِ مان آهي بَهار
هِي مُندَ آهي واهَه جا ٻار
وَڻَ ٽَڻَ ڏِسِجَنِ ٿا سَڀُ سُهِڻا
باغَ لَڳَنِ ٿا مَنَ کي مُهِڻا
گُلَ ڦُلَ باغَنِ مَنجِهه ٽِڙَنِ
پَکِي بِه مِٺِڙِيُون ٻَولِيُون ڪَنِ
ڳايُون چَئِنِ مُندُنِ جو رَاڳُ
ڳايُون چَئِنِ مُندُنِ جو رَاڳُ
وَڃي بَهارُ تَه اَچي اُونِهارو
دَورُ اُنَ جو آهي نِيارو
گَرِمِيُون اُنَ ۾ ٿِيَنِ مُدامُ
پاڻِي پِڻ چَڙِهَنِ ٿا جامَ
اُنَ ۾ پَئي ٿِي پِڻِ بَرساتِ
پَوک جِي سَڀِنِ کي وائِي واتِ
ڳايُون چَئِنِ مُندُنِ جو رَاڳُ
ڳايُون چَئِنِ مُندُنِ جو رَاڳُ
پوءِ سَرءُ ٿِي اَچي وَرِي
هَوا لَڳي ٿِي گهِم ڀَرِي
هِنَ رُتِ ۾ ٿا پاڻِي ڇِڄَنِ
پَنَ وَڻَنِ مان ڇَڻِيو پَوَنِ
دِلِ کي وَڻَندَڙَ ناهي هَوا
ٿِئي تَپتُ ٿِي جاءِ بَجاءِ
ڳايُون چَئِنِ مُندُنِ جو رَاڳُ
ڳايُون چَئِنِ مُندُنِ جو رَاڳُ
ٿِيو سَرَءُ جو پُورو وارو
آيو تَنهِن تان وَرِي سِيارو
سِيءُ پَوَڻَ سان ڪَري پُڄاڻِي
وَڃي ٿو گهَٽِجِي هَرِ هَنڌِ پاڻِي
چَئِنِ مُندُن ۾ پُورو سالُ
وَرِي ٿِئي ٿو ساڳِيو حالُ
ڳايُون چَئِنِ مُندُنِ جو رَاڳُ
ڳايُون چَئِنِ مُندُنِ جو رَاڳُ
ٻارَو اَچِي مِڙو هِڪَ ماڳِ
ٻارَو اَچِي مِڙو هِڪَ ماڳِ
ڳايُون چَئِنِ مُندُنِ جو رَاڳُ
ڳايُون چَئِنِ مُندُنِ جو رَاڳُ
- محمد صديق ”مسافر“