پَنڌ ڪندي جي ڌِڪو کاڌُم،
ڪنهن کڻي ٿي ڇاتيءَ لاتُم،
پيار منجهان ٿي ڀاڪر پاتُم.
منهنجي امڙ.
تو ڪئي مون ساهه آهه ڀلائي،
تنهن لَئه ڪريان شُڪر سدائي،
مُور نه وسري تنهنجي چڱائي.
منهنجي امڙ.
ننڊ ڦِٽي مون جڏهن ٿي پيئي،
ڪنهن ٿي سُمهاريو لولوي ڏيئي،
ڇڏي نه مون کي ڪيڏهن ويئي!
منهنجي امڙ.
صبح سانجهيءَ سارَ لڌائين،
کاڌو پيتو ڪيئن ٿي ڏنائين،
مون تي پنهنجو ساهه ڇڏيائين،
منهنجي امڙ.
وڌي جڏهن آءٌ وڏو ٿيندس،
سُکَ سوين آءٌ توکي ڏيندس،
توتي پنهنجو ساههُ ڇڏيندس،
منهنجي امڙ.
-ڀيرومل ’غريب‘