پَکِي توڙي انسان سڀ کي پسند،
ٿئي آدمين جي ڳچيءَ هار گُلُ.
سندس بُوءِ سُرهي ۽ ڏاڍي سُٺِي،
ڪري عطر کي ٿو هي نروار گُلُ.
سڳوري ڌَڻيءَ جي ڀَلائِي گهڻي،
ميضن جو بيحد مددگار گُلُ.
گُلن جيئن رسايو سڀن کي سُڳنڌ،
ته هرڪو اوهان سان ڪري پيار گُلُ.
-محمد صديق ’مسافر‘