Warning: count(): Parameter must be an array or an object that implements Countable in /home4/sindh5sl/sindhila.edu.pk/portal_kids/components/com_k2/models/item.php on line 881

هاڻي هاري هر سنڀار

اوهان کي وڻيو؟ گھڻا ستارا ڏيندا؟
(6 ووٽَ)

آڊيو گيت

 

هاڻي هاري هر سنڀال
باقي مند ۾ ڏينهن ٻه چار

پرههَ ڦٽيءَ جو ڪر تياري
پوک اٿئي جي پنهنجي پياري
گهوٻو هر ۽ کڻ پاڃاري
تنهنجا ٿيندا ٻيڙا پار

لاهه ڪڍي پوءِ هر هلائج
ڀتر ڀڃي تون ڪيڻَ ڪامائج
ٻارا ٺاهج پيرُ نه لاهج
ترت ٻنيءَ کي ڪر تيار

ٻج جو پوکين نج سو آڻج
ڀاڻَ سٺيءَ سان زمين ڀاڻج
ڦل پوءِ اَنَ جو عمدو ماڻج
اَنَ جا ٿيندا نيٺ انبار

لهج سَلن جو سُڌُ سماءُ
جيت جڙي کان ڪج بچاءُ
هيلو ڪر ڪو هاري ڀاءُ
ِکڙ کان ڀاڻي کائي نه جهار

پوک پچڻ تي وجهه لابارو
لڻجان جانچي ٻارو ٻارو
واهه واهه واليءَ واريو وارو
راضي ٿيئڙو رب ستار


Warning: count(): Parameter must be an array or an object that implements Countable in /home4/sindh5sl/sindhila.edu.pk/portal_kids/templates/sla_4kids/html/com_k2/templates/default/item.php on line 280