Sindhi Children
Demo
Demo
Artist
Demo

هن پورٽل تي حڪومت سنڌ جي اسڪولن ۾ پڙهندڙ ٻارن لاءِ سنڌي درسي ڪتابن جا نظم ۽ گيت رکيا ويا آهن. گيتن ۾ آواز ذوالفقار علي، مظهر حسين، صوبيه بختاور، انور سولنگي، حميرا، عاشق علي، رضيه، افشان، وحيد، للي، رابعه، ياسين سونو، عباد حسين ۽ قادر بخش مٺوءَ جن جا آهن.
هنن گيتن جي موسيقي ميان نذر حسين ۽ ذوالفقار عليءَ ترتيب ڏني آهي. آڊيو رڪارڊنگ ڪندڙ انجنيئر ڪامران حسين، منير مهر، انور سولنگي ۽ علي اڪبر قريشي آهن.
هنن گيتن جي رڪارڊنگ ۽ ايڊيٽنگ ميلوڊي ميوزڪ اسٽوڊيو حيدرآباد ۽ سائونڊ ڪرافٽ اسٽوڊيو ڪراچيءَ ۾ ڪئي وئي آهي.

 

 

ڊاڪٽر فهميده حسين سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران پروجيڪٽ جي باري ۾ ٻڌائيندي 

آئون ڊاڪٽر فهميده حسين اوهان سان مخاطب آهيان، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران سنڌ جي اسڪولي ٻارن جي لاءِ تيار ڪيل سي ڊين جي هن سيٽ ۾ پهرين کان پنجين ڪلاس جي سنڌي درسي ڪتابن ۾ شامل ٻاراڻن ٻولن گيتن ۽ نظمن کي خوبصورت سرن ۽ آوازن ۾ پيش ڪيو ويو آهي ته جيئن ٻار نه صرف انهن کي ٻڌي ياد ڪن پر سنڌي ٻوليءَ جي انهن پيارن ٻولن کي عام ماڻهن ۾به مقبوليت ملي سگهي. هيءَ ڪوشش سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ واري مقصد هيٺ ڪئي ويئي آهي اميد آهي ته هي پورٽل اسان جي ٻارن کي پسند ايندو.

پرائمري شاگردن لاءِ بيت

اسان سان رابطو ڪريو


ٽيليفون. 92-22-924-0050
اي ميل. contact@sindhila.edu.pk
پتو. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، نيشنل هاءِ وي
حيدرآباد سنڌ
سوشل ميڊيا.  
Demo