Warning: count(): Parameter must be an array or an object that implements Countable in /home4/sindh5sl/sindhila.edu.pk/portal_kids/components/com_k2/models/item.php on line 881

مروت ۽ اخلاق سان ڪم هلايو

اوهان کي وڻيو؟ گھڻا ستارا ڏيندا؟
(2 ووٽَ)

آڊيو گيت

مُروت ۽ اخلاق سان ڪم هلايو،

زماني کي اُن ريت پنهنجو بڻايو.

 

رهو گڏ ٿِي ايڪي ۾ نيڪيءَ سان هردم،

ڇڏي وير ڪينو محبت وڌايو.

 

ڀلائي به اُن ۾ وڏائي به اُن ۾،

جو آرام هرڪنهن کي دک ۾ رسايو.

 

اَٿوَ وقتُ دولت، رکو ياد دل تي،

نه بيڪار، دولت انهيءَ کي وڃايو.

 

حياتيءَ ۾ هرگز ڪَنڊا ڪين، بڻجو،

گلن وانگي خوشبوءِ هر جا رسايو.

 

محمد اسماعيل عرساڻي


Warning: count(): Parameter must be an array or an object that implements Countable in /home4/sindh5sl/sindhila.edu.pk/portal_kids/templates/sla_4kids/html/com_k2/templates/default/item.php on line 280