Warning: count(): Parameter must be an array or an object that implements Countable in /home4/sindh5sl/sindhila.edu.pk/portal_kids/components/com_k2/models/item.php on line 881

بهار جي مند (بيت)

اوهان کي وڻيو؟ گھڻا ستارا ڏيندا؟
(2 ووٽَ)

آڊيو گيت

موٽي آئي مُندتي، واهه واهه رُت بهار،

کِليو گُل گلاب جو، کِڙيا کٽڻهارَ،

ڀيرا ڏئي ڀوَنر ڪئي، گُلن مٿان گونجارَ،

سٻاجهي ستار، واليءَ وڏو وڙُ ڪيو.

 

 

آئي رُت بسنتجي، ٽاريون سڀ ٽلن،

موتيو، چنبيلي مگرو، کڙيو سڀ کِلن،

خيرو آهه خوشيءَ ۾ ، ٽانگر ٿا ٽمڪن،

جهولن ۽ جهمڪن، گُلڙا گلستان ۾.

 

آئي رُتِ بسنت جي، پکي لات لَنون،

پوپٽ مٿان گُلن جي، رانديون رُونَديون ڪن،

جهجهي مکين ميڙي، ماکِي مانارن،

جشن ڪيا جيتن، جان آئي مُندَ بهار جي.

 

آئي رُت بسنتَ جي، جهڳمڳ ۾ جهنگن،

پن پراڻا ڪيترا، ڇڃيو سڀ ڇڻن،

جي وڻ پاري ساڙيا، سي اڄ ساهه کڻن،

جهليو ٻوُر وڻن، ڏسو ڪم ڪريم جا.

 

ڀلي رُت بسنت جي، جنهن ۾ سرهائي،

ڀلو ڌڻي پاڻ آهه، جو ڪري ڀلائي،

ڪريان تنهن قادر جي، ڪيڏي وڏائي،

سائين سدائي، ڪري مِهر مڙنِ تي.

 

ڀيرومل ”غريب“


Warning: count(): Parameter must be an array or an object that implements Countable in /home4/sindh5sl/sindhila.edu.pk/portal_kids/templates/sla_4kids/html/com_k2/templates/default/item.php on line 280
هن ڀاڱي جو وڌيڪ مواد: « ڏيئو (نظم)