Warning: count(): Parameter must be an array or an object that implements Countable in /home4/sindh5sl/sindhila.edu.pk/portal_kids/components/com_k2/models/item.php on line 881

ڏيئو (نظم)

اوهان کي وڻيو؟ گھڻا ستارا ڏيندا؟
(3 ووٽَ)

آڊيو گيت

ڪَکائن گهرن کي تون روشن ڪرين ٿو،

غريبن جِي چَونرن کي گلشن ڪرين ٿو،

لٿي سِج عيان پنهنجو جوڀن ڪرين ٿو،

سَحر تائين هر جا نشيمن ڪرين ٿو،

مزورن ۽ ڪُڙمين سان همڪارُ آهين،

فقيرن جي مجلس جو سينگارُ آهين.

 

سڙِي تُون ٻين کي ڏئين ٿو سُهائي،

رکيل تو ۾ ڪيڏي نه آهي چڱائي،

پري کان منجهيل جِي ڪرين رهنمائي،

ڏِيئا تو ۾ آهي سراسر سَچائِي،

سچو دوست، دشمنَ تي دلسوز آهين،

سچائيءَ سان سڀ جو شب افروز آهين.

 

هوا ساڻ سر لاٽ جو ٿو جُهڪائين،

ٿو نوڙت ڪندي پنهنجي جيوت بچائين،

حياتيءَ جو مقصد سڄو ٿو ٻڌائين،

ٻين لاءِ پنهنجو ٿو تن من جلائين،

جَلِي جي ٻين کي سُهائو ڏين ٿا،

لکين گهور تن تان، پتنگا ٿين ٿا.

 

ليکراج ڪشنچند عزيز


Warning: count(): Parameter must be an array or an object that implements Countable in /home4/sindh5sl/sindhila.edu.pk/portal_kids/templates/sla_4kids/html/com_k2/templates/default/item.php on line 280