Warning: count(): Parameter must be an array or an object that implements Countable in /home4/sindh5sl/sindhila.edu.pk/portal_kids/components/com_k2/models/item.php on line 881

سر سارنگ (بيت)

اوهان کي وڻيو؟ گھڻا ستارا ڏيندا؟
(10 ووٽَ)

آڊيو گيت

آگميو آهي، لَڳههَ پَسُ لطيف چئي،

وُٺو مينهن وڏ ڦُڙو، ڪڍو ڌڻ ڪاهي.

ڇَنَ ڇڏي پَٽَ پئو، سمر سنباهي،

وِهومَ لاهي، آسرو اللهَ مان.

 

آگم ڪيا اللھَ، لَڳههَ پَسُ لطيف چئي،

پَلُرَ جي پالوٽَ سين، پَٽن جهليا پاههَ.

واحِدَ وڏائي ڪيا، مَٿي گسَن گاههَ،

سانگين وريا ساههَ، اُٺن آب آگُوندرو.

 

اڄ پڻ اُتر پار ڏي، ڪَڪَرَ ٿو ڪَري،

روضِ پاڪ رسول جي، پلٽيو پَٽَ ڀري،

وِڄُنِ ساڻ وَري، ته سنگهارن سُک ٿئي.

 

شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه

 


Warning: count(): Parameter must be an array or an object that implements Countable in /home4/sindh5sl/sindhila.edu.pk/portal_kids/templates/sla_4kids/html/com_k2/templates/default/item.php on line 280