Warning: count(): Parameter must be an array or an object that implements Countable in /home4/sindh5sl/sindhila.edu.pk/portal_kids/components/com_k2/models/item.php on line 881

ٻارن لاءِ صبح جي دعا

اوهان کي وڻيو؟ گھڻا ستارا ڏيندا؟
(2 ووٽَ)

آڊيو گيت

ڌڻي تُنهنجي ڏسجي ٿي جت ڪٿ خدائي،

ڪرم ساڻ ڪر تون اسان تي ڀلائي.

 

سکون ساڻ سعيي سُپت ۽ سچائي،

پروڙيون ۽ پرکيون ڀلائي بُرائي.

 

پڙهڻ ۽ لکڻ جو تون ڏي شوق اسان کي،

اسان ۾ تون وجهه علم جي روشنائي.

 

پڙهي عمديون ڳالهيون ۽ قصا عجائب،

ڪڍون عقل جي وات مان پنهنجي وائي.

 

۽ ورزش سان قائم رکون تندرستي،

ڪريون پنهنجي عادت صفائي سُٺائي.

 

ڪريون سير گهر ويٺي ملڪن جو هردم،

جَنين جي هُئيسون اڳي سُڌ نه ڪائي.

 

جبل ۽ سمنڊ ۽ نديون، ٻيٽ، راسيون،

انهن جي خبر پئي اسان کي سَڀائي.

 

ننڍي هوندي علم ۽ هنر سڀ پرائي،

وڏي هوندي عمدي ڪريون ڪا ڪمائي.

 

ڪريوند ولت ۽ آبرو نيٺ حاصل،

اسان جي ٿئي نيٺ محنت سجائي.

 

 

مرزا قليچ بيگ

 


Warning: count(): Parameter must be an array or an object that implements Countable in /home4/sindh5sl/sindhila.edu.pk/portal_kids/templates/sla_4kids/html/com_k2/templates/default/item.php on line 280