Warning: count(): Parameter must be an array or an object that implements Countable in /home4/sindh5sl/sindhila.edu.pk/portal_kids/components/com_k2/models/item.php on line 881

محنت ڪر تون محنت ٻار!

اوهان کي وڻيو؟ گھڻا ستارا ڏيندا؟
(2 ووٽَ)

آڊيو گيت

محنت ڪر تون محنت ٻار،

محنت سان ٿيندين هوشيار!

 

وِهنجي سِهنجي نيرن کائي،

اُجرا ڪپڙا پهري ڀائي،

مڪتب ڏي ٿي ترُت تيار،

محنت ڪر تون محنت ٻار!

 

ٻُڌ تون ٻار هنئين سان لائي،

جو توکي اُستاد پڙهائي،

گهر ۾ پڻ اُن کي سار،

محنت ڪر تون محنت ٻار!

 

مائٽ مِٽ توکي ڀائيندا،

سنگتي ساٿي پڻ چاهيندا،

ٿيندو تنهنجو ناماچار،

محنت ڪر تون محنت ٻار!

 

جيڪو محنت خوب ڪري ٿو،

پنهنجي ڪم تي ڌيان ڌري ٿو،

تنهن جا ٿيندا ٻيڙا پار،

محنت ڪر تون محنت ٻار!


Warning: count(): Parameter must be an array or an object that implements Countable in /home4/sindh5sl/sindhila.edu.pk/portal_kids/templates/sla_4kids/html/com_k2/templates/default/item.php on line 280