
ڏِسو ڏسو اي ٻارو گُلُ!
سُهڻو، گُلُ هي پيارو گُلُ!
ٻُوٽن تي ٿي جوت جَلي،
ڌرتيءَ جو آ تارو گُلُ!
اُن جي آڏو مکڙيون مُرڪن،
رنگن روپن وارو گُلُ!
موتيو، مُگرو، سُورج مُکي،
لال گُلابي، نِيارو گُلُ!
ڀؤنر به جنهن تي، ڀيرا ڏي،
پوپٽ کي آ پيارو گُلُ!
غمگينن جا غمَ ٿو لاهي،
ميٽي ٿو مونجهارو گُلُ!
ٽارِين ۾ ٽانڊاڻا ٽِمڪن،
سُونهن سَراسر سارو گُلُ!
”مون وانگي ٿيو جڳَ ۾ سُرها“
ٻول ٿو ٻولي ٻارو گُل!
Warning: count(): Parameter must be an array or an object that implements Countable in
/home4/sindh5sl/sindhila.edu.pk/portal_kids/templates/sla_4kids/html/com_k2/templates/default/item.php on line
280