Warning: count(): Parameter must be an array or an object that implements Countable in /home4/sindh5sl/sindhila.edu.pk/portal_kids/components/com_k2/models/item.php on line 881

صحبت جو اثر (نظم)

اوهان کي وڻيو؟ گھڻا ستارا ڏيندا؟
(1 ووٽُ)

آڊيو گيت

چَڱن جي سنگت ٿي رهي ڪارگر، بورن جو سدائين بورو ٿئي اَثر،

چڱن کان چڱائي ٿي حاصل ٿئي، چڱن ۾ رهي مرد ڪامُل ٿئي.

بُري دوستي ٿي بڻائي بُرو، لڳي ڪاٺ کي جيئن ٻارو! سُرو.

چڱن کان ملي ماڻهپو ٿو مدام، ۽ سڌري پوي ٿو جتان خاص عام.

 

چڱن ساڻ جيڪو ٿو صحبت ڪري، اُهو پنهنجي حاصل ٿو عظمت ڪري.

چڱن جي ٿِي سنگت سڌاري ڇڏي، ٿي بگڙي بڻائي سنواري ڇڏي.

چڱن ساڻ زندهه ٿئي ٿو ضمير، برائي بڻائي ڇڏي ٿي اَسير.

چڱيون ٿي وڃن جيڪڏهن عادتون، ته گذرن خوشيءَ سان سڀئي ساعتون.

چَڱين صُحبتن جو چڱو آ ”اثر“ بُرن کان ڀڄو، آ قصو مُختصر.

 

عبدالله ”اثر“


Warning: count(): Parameter must be an array or an object that implements Countable in /home4/sindh5sl/sindhila.edu.pk/portal_kids/templates/sla_4kids/html/com_k2/templates/default/item.php on line 280