Warning: count(): Parameter must be an array or an object that implements Countable in /home4/sindh5sl/sindhila.edu.pk/portal_kids/components/com_k2/models/item.php on line 881

پنهوارن جي پِريت (نظم)

اوهان کي وڻيو؟ گھڻا ستارا ڏيندا؟
(1 ووٽُ)

آڊيو گيت

 

روئان زاروزار، مانَ ملان مارن کي،

ڏيان ڏوراپا ڪنهن کي، پري ٿيم پنهوار،

وٺي ويڙا پاڻَ سان، منهنجو ساههُ سنگهارَ،

اهو اَٿَم آسرو، ايندو اَجڙَ وار،

 

ڪندا مُهاڙ مليرَ ڏي، رِڻ ڇڏي ريڍارَ،

سو دَمُ گوندرَ گُذري، جو دَمُ ڌَڻيان ڌارَ،

وڃي ٻُڌنديس اُتهيين، سندي پَهُن پُڪارَ،

رکي ويڙهيچا ويا، مُونهين سِر مَيارَ،

پيڪين مون پهچائيين، سومرا سردارَ،

روئي رَتُ اکينِ جا، جهونا ٿيا جهالارَ،

راتو ڏينهان اوڏهين، ”سچل“ ساههَ سنڀارَ.

 

سچل سرمست رحه


Warning: count(): Parameter must be an array or an object that implements Countable in /home4/sindh5sl/sindhila.edu.pk/portal_kids/templates/sla_4kids/html/com_k2/templates/default/item.php on line 280