Warning: count(): Parameter must be an array or an object that implements Countable in /home4/sindh5sl/sindhila.edu.pk/portal_kids/components/com_k2/models/item.php on line 881

پيارا وطن (نظم)

اوهان کي وڻيو؟ گھڻا ستارا ڏيندا؟
(0 ووٽَ)

آڊيو گيت

منهنجا وطن پيارا وطن، اکڙين سندا تارا وطن!

اي دوست دل وارا وطن، هر جاءِ هاڪارا وطن!

تون ئي جياپو جان جو، تون سان سندم جيءَ جون جڙيون،

تو سان اَڙيون مَن آ سَندُم، اي سرس سُونهارا وطن!

مٺڙا وطن تنهنجي مٿان، سِر ساهه سڀ گهوري ڇڏيان!

 

تنهنجو نه مَٽ ڪو ديس ٻيو، محبوب موچارا وطن!

سکيو ستباو شل رهين، ڪوسو لڳي توکي نه واءُ،

ماکي ۽ مصريءَ کان مِٺا، اي جان کان پيارا وطن!

تنهنجي مٽيءَ ۾ مُشڪُ ۽ تنهنجي هوائن ۾ هُڳاءُ،

مهراڻ جي هر موج، ڄڻ امرت سندي ڌارا وطن!

منهنجا وطن، شل شَهَرَ ۽ سڀ ڳوٺڙا تنهنجا وسن،

رحمت سندا توتي ڪڪر ڪن خوب وسڪارا وطن!

منهنجا محبت جا ”سليم“ آهن، سوين توتي سلام،

منٺار موچارا وطن، او سُونهن سِڪ وارا وطن!

 

سليم ڳاڙهوي


Warning: count(): Parameter must be an array or an object that implements Countable in /home4/sindh5sl/sindhila.edu.pk/portal_kids/templates/sla_4kids/html/com_k2/templates/default/item.php on line 280