Warning: count(): Parameter must be an array or an object that implements Countable in /home4/sindh5sl/sindhila.edu.pk/portal_kids/components/com_k2/models/item.php on line 881

اچو ته پنهنجو ڳوٺ سڌاريون _نظم)

اوهان کي وڻيو؟ گھڻا ستارا ڏيندا؟
(3 ووٽَ)

آڊيو گيت

ٻنيون ٻارا باغ سنواريون، پنهنجا گهر ۽ گهاٽَ اُجاريون،

روشن مُسَتقبلَ ڏي نهاريون، اچو ته پنهنجو ڳوٺُ سُڌاريون.

رستن تي ڇڻڪارَ ڪنداسون، پاسن کان وڻڪارَ ڪنداسون،

لڳي وڃن چَوطرف بَهاريون، اچو ته پنهنجو ڳوٺُ سُڌاريون.

 

علمُ، هُنُرُ هڪ دولت آهي، جنهن کي چوريءَ جو ڊپ ناهي،

ننڍن وڏن کي علم سيکاريون، اچو ته پنهنجو ڳوٺُ سُڌاريون.

گندَ ڪِچري ۾ آ بيماري، آهي صفائي حڪمت واري،

ڳوٺن مان ڪچري کي ٻُهاريون، اچو ته پنهنجو ڳوٺُ سُڌاريون.

موليٰ ملڪ ۾ مالُ وڌائي، پنهنجو ”سليم“ تي ڀالُ ڀلائي،

ڀَليون هجن شل پنهنجون ڀٽَاريون، اچو ته پنهنجو ڳوٺُ سُڌاريون.

 

سليم هالائي


Warning: count(): Parameter must be an array or an object that implements Countable in /home4/sindh5sl/sindhila.edu.pk/portal_kids/templates/sla_4kids/html/com_k2/templates/default/item.php on line 280