Warning: count(): Parameter must be an array or an object that implements Countable in /home4/sindh5sl/sindhila.edu.pk/portal_kids/components/com_k2/models/item.php on line 881

نظارا وطن جا (نظم)

اوهان کي وڻيو؟ گھڻا ستارا ڏيندا؟
(1 ووٽُ)

آڊيو گيت

هي سرسبز ٻنيون ۽ ٻارا وطن جا،

وڻن واهه جو ٿا نظارا وطن جا.

 

اچو کيت کيڙيون، اچو سونُ ميڙيون،

ڀلا ڏاند آهن ڀٽارا وطن جا.

ڪمندُ، ڪڻڪَ، ساريون، ڪپههَ، انبَ، ڪيلا،

سٺا فصل ميوا موچارا وطن جا.

 

 

هي مزدور هاري، ڪمي ڪاسبي سڀ،

جِيَنِ شال سانگي سگهارا وطن جا.

 

هي واڍا، هي رازا، هي ڪوري، هي موچي،

هي لوهارَ پورهيت پيارا وطن جا.

 

اسان جو سهارو وطن ئي ته آهي،

اسين پاڻَ آهيون سهارا وطن جا.

 

صُبح جو سويرو پڙهڻ لئه وڃون ٿا،

اسين ٻارِڙا چنڊَ تارا وطن جا.

 

وڏي مانَ وارو، وڏي شانَ وارو،

سدا ڀاڳ آهن، ڀَلارا وطن جا.

 

ملي پاڻ ۾ سڀ ننڍا توڙي وڏڙا،

ڪنداسين اي ”آصف“ سُڌارا وطن جا.

 

احمد خان آصف


Warning: count(): Parameter must be an array or an object that implements Countable in /home4/sindh5sl/sindhila.edu.pk/portal_kids/templates/sla_4kids/html/com_k2/templates/default/item.php on line 280