ڪنهن جي آڏو جهول نه جهل.
همت وارن جي آڏو،
جُهڪي پوي ٿو نيٺ جَبَل.
سردي گرمي سر تي سهي،
گُلَ جهلي ٿي تڏهين وَل.
گذري جيڪو وقت ويو،
هاڻ انهيءَ تي هٿ نه مَل.
ڏونگر پاڻ ڏري پوندا،
اگر ارادو آهه اَٽل.
علم ته آهي سچ جي واٽَ،
واٽ انهيءَ تي هلندو هَل.
پهاڙِ پرزا ٿي پوندا،
ٻانهُن ۾ جي آهي ٻَل.
وقت وڃائين صفت متان،
قيمت لهڻي، هر ڪو پَل.
امداد حسيني