وَڻ ٽِڻ ٻُوٽا ڌڻيءَ اُپايا،
قِسمين قِسمين پَن بنايا،
گُل ڦُل ميوا ڪئين گُلزارَ،
جوڙيا سائينءَ سڀ جِنسار.
جبلَ، نَنديون ۽ چشما، لاههَ،
سَمنڊَ، تلاءَ ۽ ڍنڍون، واههَ،
برفَ، ڳَڙا سڀ ڌارو ڌارَ،
جوڙيا سائينءَ سڀ جِنسارَ.
اُڀ ڏي ٿوري نظرَ ڪريو،
سج چنڊ تي پڻ ڌيانُ ڌَريو،
سُهڻِي تارن سَندي قطارَ،
جوڙيا سائينءَ سڀ جِنسارَ.
راتين پُٺيان ڏينهن اچن،
جُهڙن پُٺيان روز روشن،
ڪڏهن چانڊوڪي ڪڏهن ڪار،
جوڙيا سائينءَ سڀ جِنسارَ.
جَڳَ جو چَرخو عَجبُ چَلي،
سَڀڪو چَئي ٿو بَلي بَلي،
ڪَري نه ڪوئي سَگهي شُمار،
جوڙيا سائينءَ سڀ جِنسارَ.
ڪشنچند ’بيوس‘