اچو گُڏيءَ کي زيور پايُون،
ڀرت ڀريل پوشاڪَ ڍَڪايُون،
گُلن ڦُلن جي سيجَ وِڇايون،
ڏاج ڏِيو ۽ گهور گهُمايون.
گڏجي گيت خوشيءَ جاڳايون،
ننڍڙي گُڏڙيءَ کي پرڻايون.
گُڏڙي بڻجي گهر جي راڻي،
پَڙهيل لِکيل ۽ سُگهڙ سِياڻي،
رَهي نه محنت کان ويڳاڻي،
کُٽي نه اُن جو اَن ۽ پاڻي.
ڏين مبارڪ مايون دايون،
ننڍڙي گُڏڙِي کي پرڻايون.
- الطاف عباسي