Warning: count(): Parameter must be an array or an object that implements Countable in /home4/sindh5sl/sindhila.edu.pk/portal_kids/components/com_k2/models/item.php on line 881

نعت (هي ٿيا پيدا زمين و آسمان )

اوهان کي وڻيو؟ گھڻا ستارا ڏيندا؟
(1 ووٽُ)

آڊيو گيت

هِي ٿيا پيدا زمين و آسمان تنهنجري،

ڪِينَ آهي هي رڳو پر سڀ جهان تنهنجي ڪري!

 

ٿي بهاري تنهنجي آئي ۽ گهُلي بادِ صبا،

گلشنِ اسلام مان ويئي خزان تنهنجي ڪري!

 

هو اڳي جيڪو عرب ۾ جنگ، فتنو ۽ فساد،

مُلڪ ساڳيو ٿي پيو دارالامان تنهنجي ڪري!

 

گرچه عاصي آهيون ته به تنهنجا ”احسن“ اُمتي،

حشر ۾ ٿيندو خدا خود مهربان تنهنجي ڪري!

 

حافظ محمد ”احسن“ چنا

 


Warning: count(): Parameter must be an array or an object that implements Countable in /home4/sindh5sl/sindhila.edu.pk/portal_kids/templates/sla_4kids/html/com_k2/templates/default/item.php on line 280