Warning: count(): Parameter must be an array or an object that implements Countable in /home4/sindh5sl/sindhila.edu.pk/portal_kids/components/com_k2/models/item.php on line 881

دعا (اسان کي تون سائين سدائين خدايا)

اوهان کي وڻيو؟ گھڻا ستارا ڏيندا؟
(1 ووٽُ)

آڊيو گيت

 

اسان کي تُون سائِين، سدائين خدايا!

ڪرم سان اُپائين، نِپائين خدايا!

 

جِيارِين تُُن مارِين تون، آهين تُون مالڪ،

تُُن ئي رِزق سڀ کي، رَسائين خدايا!

 

نه مَٽ تُنهنجو مولا، تُون بي مثل آهين،

اسين تُنهنجا ٻانها، تُون سائين خدايا!

 

ڏِسين ٿو پَسين ٿو، تُون هرجاءِ اسان کي،

تون شل واٽ پنهنجي، پَسائين خدايا!

 

ڪريُون علم حاصل، چَڱو ڪر اسان کي،

جوانيءَ کان پيريءَ تائين خدايا!

 

ڪريُون تُنهنجي در تي ٿا، هي عرض سائين،

ڪَڪرُ شل ڪرم جو، وَسائين خدايا.

- مرزا قليچ بيگ


Warning: count(): Parameter must be an array or an object that implements Countable in /home4/sindh5sl/sindhila.edu.pk/portal_kids/templates/sla_4kids/html/com_k2/templates/default/item.php on line 280
هن ڀاڱي جو وڌيڪ مواد: « گڏي (بيت)