قدم وَڌائي اڳتي هل (نظم)

اوهان کي وڻيو؟ گھڻا ستارا ڏيندا؟
(2 ووٽَ)

آڊيو گيت

سُستي مان ڇا هَڙ حاصل،

قدم وڌائي اڳتي هل.

چنڊ تي پهتو آ انسان،

محنت جو سڀ آهي ڦل.

ڪنهنجو تون محتاج نه ٿي،

 

ڪنهن جي آڏو جهول نه جهل.

همت وارن جي آڏو،

جُهڪي پوي ٿو نيٺ جَبَل.

سردي گرمي سر تي سهي،

گُلَ جهلي ٿي تڏهين وَل.

گذري جيڪو وقت ويو،

هاڻ انهيءَ تي هٿ نه مَل.

ڏونگر پاڻ ڏري پوندا،

اگر ارادو آهه اَٽل.

علم ته آهي سچ جي واٽَ،

واٽ انهيءَ تي هلندو هَل.

پهاڙِ پرزا ٿي پوندا،

ٻانهُن ۾ جي آهي ٻَل.

وقت وڃائين صفت متان،

قيمت لهڻي، هر ڪو پَل.

 

امداد حسيني

 

 

هن ڀاڱي جو وڌيڪ مواد: « پيارا وطن (نظم)