Warning: count(): Parameter must be an array or an object that implements Countable in /home4/sindh5sl/sindhila.edu.pk/portal_kids/components/com_k2/models/item.php on line 881

تون حبيب تون طبيب (بيت)

اوهان کي وڻيو؟ گھڻا ستارا ڏيندا؟
(8 ووٽَ)

آڊيو گيت

تُون حبيبُ، تُون طبيبُ، تُون دردَ جي دَوا،

جانِبَ منهنجي جيءَ ۾، آزار جا اَنواع،

صاحبَ ڏي شِفا، ميان! مريضنِ کي.

 

تُون حبيبُ، توُن طبيبُ، تون دردَ جو دارُون،

دوا آهِنِ دل کي، تُنهنجيون تنوارُون،

ڪريان ٿي ڪارُون، جئن ٻُڪي ٻِئنِئُون نه ٿئي.

 

تُون حبيبُ، تُون طبيبُ، تُنهمِ ڊَٺَن ڊَبُ،

تُون ڏيين، تُوڳن لاهيين، تُنهمِ هادِي ربُ،

آهمِ اِيءُ عجبُ، جئن وارئو ويڄ وِهاريين.

 

تُون حبيبُ، تُون طبيبُ، تون دارُون کي دَردَنِ،

تُون ڏيين، تُون لاهيين، ڏاتَرَ! کي ڏُکندَنِ،

تڏهن ڦَڪِيون فَرَقُ ڪَنِ، جڏهن اَمرُ ڪَرِهو اُنِ کي.

 

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه

 


Warning: count(): Parameter must be an array or an object that implements Countable in /home4/sindh5sl/sindhila.edu.pk/portal_kids/templates/sla_4kids/html/com_k2/templates/default/item.php on line 280