Warning: count(): Parameter must be an array or an object that implements Countable in /home4/sindh5sl/sindhila.edu.pk/portal_kids/components/com_k2/models/item.php on line 881

دعا (کڻي هٿ دُعا ٿو گھران اي ڌڻي)

اوهان کي وڻيو؟ گھڻا ستارا ڏيندا؟
(0 ووٽَ)

آڊيو گيت

کڻي هٿ دعا ٿو گهران اي ڌڻي!

ملي سمجهه ساڃاهه مون کي گهڻي!

 

وڏن جي گهڻي آءٌ عزت ڪريان،

۽ پاڻان ننڍن سان محبت ڪريان!

وطن سان سچو شل سدائين رهان،

شروع کان وٺي توڙ تائين رهان!


 

پڙهان ۽ لکان ۽ هنر پڻ سکان،

وطن جو اڃا نانءُ اوچو ڪريان!

خدايا! چوان جو به سچ مان چوان،

ڪڏهن ڪوڙ کي ڪين ويجهو وڃان!

 

کڻي هٿ دعا ٿو گهران اي ڌڻي!

ملي سمجهه ساڃاهه مون کي گهڻي.

 

امداد حسيني


Warning: count(): Parameter must be an array or an object that implements Countable in /home4/sindh5sl/sindhila.edu.pk/portal_kids/templates/sla_4kids/html/com_k2/templates/default/item.php on line 280
هن ڀاڱي جو وڌيڪ مواد: « محنت ڪر تون محنت ٻار!