پيارا پاڪستان (بيت)

اوهان کي وڻيو؟ گھڻا ستارا ڏيندا؟
(0 ووٽَ)

آڊيو گيت

اعليٰ تنهنجو شان، پيارا پاڪستان!

پيارا پاڪستان، اعليٰ تنهنجو شان.

 

تنهنجو جهنڊو، پيارو پيارو،

چمڪي جنهن ۾ چنڊ ۽ تارو،

تنهنجو خاص نشان، پيارا پاڪستان.

 

سڀ کان تنهنجو شان نرالو،

جڳ ۾ تنهنجو، روشن نالو،

ملڪين تنهنجو مان، پيارا پاڪستان.

 

علم پايون، عزت پايون،

تنهنجو شان ۽ مان وڌايون،

صدقي توتان جان، پيارا پاڪستان.