گڏي (بيت)

اوهان کي وڻيو؟ گھڻا ستارا ڏيندا؟
(0 ووٽَ)

آڊيو گيت

اَچو ڙي ڀينر، راند رچايون،

ننڍڙيءَ گُڏڙيءَ کي پرڻايون.

 

اچو گُڏيءَ کي زيور پايُون،

ڀرت ڀريل پوشاڪَ ڍَڪايُون،

گُلن ڦُلن جي سيجَ وِڇايون،

ڏاج ڏِيو ۽ گهور گهُمايون.

 

گڏجي گيت خوشيءَ جاڳايون،

ننڍڙي گُڏڙيءَ کي پرڻايون.

 

گُڏڙي بڻجي گهر جي راڻي،

پَڙهيل لِکيل ۽ سُگهڙ سِياڻي،

رَهي نه محنت کان ويڳاڻي،

کُٽي نه اُن جو اَن ۽ پاڻي.

 

ڏين مبارڪ مايون دايون،

ننڍڙي گُڏڙِي کي پرڻايون.

 

- الطاف عباسي