مِٽِي مائٽي توکي جِت ڪم نه ايندي،
ڀلائي اُتي تنهنجو آڌار ٿيندي.
پڇاڙي چڱي جي ٿيڻ پنهنجي چاهين،
ته ڪر بيٺلائيءَ ۾، نيڪي سدائين.
ڏني، مهر سان جي ڌڻيءَ توکي مايا،
ته ڪر تون غريبن يتيمن تي ڇايا.
بُکين جون بُکون لاهه؛ ڍؤ ڏيار تون تَنِ،
ڍڪائيج اُگهاڙا، ته توکي دُعا ڪَن.
ڏسين تون کڻي، واٽ تي جي انڌ ڪو!
ادا، تون وڃي، اُڻ کي ڏيکار رستو!
جڏهن ڪو به توسان ڀلائي ڪري ٿو،
تڏهن توکي آرام ڪيڏو اچي ٿو!
تڏهين پڻ ٻين کي خوشي ڇونه ٿيندي!
ڀلائي جي ساڻن ڪرڻ ۾ ڪا ايندي.
گهرين جيئن ٿو، تو سان ڪري ڪو ڀلائي،
ڪرڻ گهرجي تيئن توکي ٻئي سان چڱائي.
ڀلائي ڪندين تان ڀلو تنهنجو ٿيندو،
ڀلائيءَ جا ڀاڙا ڌڻي توکي ڏيندو.
محمد صديق ”مسافر“