ڪلاس پهريون (9)
گيت ڌڻيءَ جا گڏجي ڳايون گيت ڌڻيءَ جا گڏجي ڳايون! جو ٿو ٿڌڙا مينهن وسائي، باغن ۾ جو انب پچائي،
سهڻو نبيؐ اسان جو، پيارو نبيؐ اسان جو. آيو نه اهڙو ايندو، نيارو نبيء اسان جو،
آءٌ نه ڪڏهين ڪوڙو ٿيندس، ساهه سدائين سچ تي ڏيندس ڪُوڙ چوان تان پَتِ وِڃايان، هِتي هُتي نِتِ پاڻ لَڄايان.
پَرَ اَٿس پَر پوپٽ ناهي،اُڀَ ۾ اُڏري پَکي به ناهي،ڀلا ٻُڌايو ته اهو ڇا هي؟ ؟ ؟ ............................. خَبرون چارُون روز ٻڌائي،مِٺڙا، مِٺڙا، گيت سُڻائي،ڀلا…
ڇوڪَرَ توکي رنگ ڏيکارِيان، رنگ سُڃاڻڻ توکي سيکارِيان! ڏِس هن رنگ جو نالو ڇاهي؟ رنگ اهو تان ڳاڙهو آهي.
واههَ ڙي تارا گول تارا! روشن تارا چِلڪي وارا! سانجهي ٽاڻي نِڪرو ٿا، اُڀَ سَڄي ۾ پَکڙو ٿا.
ڪوئِل ڪوڪي، ڪُو ڪُو ڪُو ڳيرو ڳائي، گُهو گُهو گُهو. ڪانءُ ڪري ٿو، ڪان ڪان ڪان، ڏيڏر ڪري ٿو، ٽان ٽان ٽان.