Warning: count(): Parameter must be an array or an object that implements Countable in /home4/sindh5sl/sindhila.edu.pk/portal_kids/components/com_k2/models/item.php on line 881

ڪمپيوٽر جي ڄاڻ پرايو

اوهان کي وڻيو؟ گھڻا ستارا ڏيندا؟
(2 ووٽَ)

آڊيو گيت

ڪمپيوٽر جي ڄاڻ پرايو،

دَورَ هي علم هَنر جو آيو.

 

ماڻهو جيڪي ڪجهه سوچي ٿو،

اُن کي هي محفوظ ڪري ٿو،

ڪمپيوٽر جي ڄاڻ ۾ پرايو،

دَورَ هي علم هَنر جو آيو.

 

ڪمپيوٽر جي ٽيڪنالاجي،

ماڻهوءَ جي ڄڻ آهي ساٿي،

ڪمپيوٽر جي ڄاڻ پرايو،

دَورَ هي علم هُنر جو آيو.

 

وقت ڀلي ڪيڏو ئي گذري،

اُن کي ڳالهه نه ٿي ڪا وِسري،

ڪمپيوٽر جي ڄاڻ پرايو،

دُور هي علم هُنر جو آيو.

 

سنڌي اردو يا انگريزي،

ڄاڻي ٿو هي هرڪا ٻولي،

ڪمپيوٽر جي ڄاڻ پرايو،

دُور هي علم هُنر جو آيو.

 

علي محمد ”مجروح“


Warning: count(): Parameter must be an array or an object that implements Countable in /home4/sindh5sl/sindhila.edu.pk/portal_kids/templates/sla_4kids/html/com_k2/templates/default/item.php on line 280