Warning: count(): Parameter must be an array or an object that implements Countable in /home4/sindh5sl/sindhila.edu.pk/portal_kids/components/com_k2/models/item.php on line 881

مندائتا مينهن (بيت)

اوهان کي وڻيو؟ گھڻا ستارا ڏيندا؟
(9 ووٽَ)

آڊيو گيت

سارَنگ سارَ لَهِيج، اَلله لَڳ اُڃين جِي،

پاڻِي پُوڄَ پَٽَن تي، اَرزان اَنُ ڪَرِيج،

وطن وسائيج، ته سَنگهارن سُک ٿئي.

 

اَڄُ پڻ اُتر پاري ڏي، ڪَڪريون ڪارِيون،

وَسي ٿو وَسي ٿو وَڏ ڦُڙو، ٽَهَڪَنِ ٿيون ٽارِيون،

لَٿنِ لُکَ ”لطيف“ چئي، ڍايُن تاساريون،

ڀِڄنديون ڀَٽاريون، وري وَٿاڻين آئيون.

 

اَڄ پڻ اُتر پار ڏي، ڪَڪر ڪيائين،

مُندائتي مِينهَن جي، رُت نه روڪيائين،

پَلَرُ پَلٽيائين، سانگيُن گهڻا سُک ٿيا.

 

شاهه عبداللطيف ڀٽائي


Warning: count(): Parameter must be an array or an object that implements Countable in /home4/sindh5sl/sindhila.edu.pk/portal_kids/templates/sla_4kids/html/com_k2/templates/default/item.php on line 280