Warning: count(): Parameter must be an array or an object that implements Countable in /home4/sindh5sl/sindhila.edu.pk/portal_kids/components/com_k2/models/item.php on line 881

وطن جي حب (نظم)

اوهان کي وڻيو؟ گھڻا ستارا ڏيندا؟
(5 ووٽَ)

آڊيو گيت

وطن جي حُب جي دل ۾ نه ٿِي، ايمان ڪهڙو ٿيو؟

عمل ناهي جي انسان ۾، ته پوءِ انسان ڪهڙو ٿيو؟

 

اڃا تائين غريبن سان، نه ڌاري ڪو جي همدردي،

غريبن لئه سندن دل ۾ ڀلا ارمان ڪهڙُ ٿيو؟

 

 

نه ٿي تعليم جي ڳڻتي، نه ٿي بي روزگاري گهٽ،

ترقيءَ جو اسان ۾ پوءِ وري امڪان ڪهڙو ٿيو؟

 

جبج آهي اڃا گھفلت جي آهيون ننڊ ۾ اڄ ڀي،

اسان مان پوءِ سُڌاري جو، تڏهن خواهان ڪهڙو ٿيو؟

 

ڪڍون اهڙا هنر، جو نڪري پاڪستان جو نالو،

ائين جي ڪين ڪيوسين، ملڪ تي احسان ڪهڙُ ٿيو؟

 

واڌايون جي نه پيدائش، اسين هاڻي زمينن جي،

زراعت لئه اسان وٽ پوءِ نئون سامانُ ڪهڙوٿيو؟

 

                                  نواز علي ”نياز“


Warning: count(): Parameter must be an array or an object that implements Countable in /home4/sindh5sl/sindhila.edu.pk/portal_kids/templates/sla_4kids/html/com_k2/templates/default/item.php on line 280