Warning: count(): Parameter must be an array or an object that implements Countable in /home4/sindh5sl/sindhila.edu.pk/portal_kids/components/com_k2/models/item.php on line 881

قدرت وارا (حمد)

اوهان کي وڻيو؟ گھڻا ستارا ڏيندا؟
(8 ووٽَ)

آڊيو گيت

سڀ ڪن تنهنجي ساراهه، قدرت وارا!

نرمل جوتي نُور نظارا، قدرت وارا!

 

ڪوٽان ڪوٽ بڻايئه، ڌرتيون،

سهسين سج، چنڊ، تارا ڪتيون،

جن جو انت نه پارا، قدرت وارا!

 

 

گلن اندر سرهاڻ ڌرين ٿو،

موتين سان مهراڻ ڀرين ٿو،

هيرا لعل هزارا، قدرت وارا!

 

جڏهن وڻن تي واءُ اچي ٿو،

پن پن مان پڙلاءُ اچي ٿو،

ڇم ڇم جا ڇمڪارا، قدرت وارا!

 

چهنب چتن ۽ چيهن کولي،

بلبل ڪوئل، ٻولي ٻولي،

مور نڇن ناميارا، قدرت وارا!

 

عجب بڻايئه بجليون، بادل!

بوندون برس برس ڪن ٿاڌل،

واڄٽ ڪن وسڪارا، قدرت وارا!

 

ڪشچند بيوس


Warning: count(): Parameter must be an array or an object that implements Countable in /home4/sindh5sl/sindhila.edu.pk/portal_kids/templates/sla_4kids/html/com_k2/templates/default/item.php on line 280
هن ڀاڱي جو وڌيڪ مواد: وطن جي حب (نظم) »