آواز

اوهان کي وڻيو؟ گھڻا ستارا ڏيندا؟
(2 ووٽَ)

آڊيو گيت

ڪوئِل ڪوڪي، ڪُو ڪُو ڪُو

ڳيرو ڳائي، گُهو گُهو گُهو.

 

ڪانءُ ڪري ٿو، ڪان ڪان ڪان،

ڏيڏر ڪري ٿو، ٽان ٽان ٽان.

 

 جھِرڪي ٻولي، چُون چُون چُون،

پَرِڙا کولي، چُون چُون چُون.

 

ريلَ ڪَري ٿي، ڇُڪ ڇُڪ ڇُڪ،

تيز ڀڄي ٿي، ڊُڪ ڊُڪ ڊُڪ.

 

موٽرُ ڊوڙي، ڦَر ڦَر،

تيلُ اُنهيءَ ۾، ڀَر ڀَر ڀَر.

 

ڪُڪُڙُ ڪَري ٿو، ڪُڪُڙو ڪُو،

صُبحُ ٿيڻ جو ڏَسُ ڏي  هُو.

 

_ امداد حسيني