ڀلا ٻڌاءِ ته ڇا آهي؟

اوهان کي وڻيو؟ گھڻا ستارا ڏيندا؟
(2 ووٽَ)

آڊيو گيت

پَرَ اَٿس پَر پوپٽ ناهي،
اُڀَ ۾ اُڏري پَکي به ناهي،
ڀلا ٻُڌايو ته اهو ڇا هي؟

؟

؟

.............................

خَبرون چارُون روز ٻڌائي،
مِٺڙا، مِٺڙا، گيت سُڻائي،
ڀلا ٻُڌايو ته اهو ڇا هي؟

؟

؟

.............................

کيلَ پَسائي دل وندرائي،
ڄڻ ته ڪو گهر جو ڀاتي آهي،
ڀلا ٻُڌايو ته اهو ڇا هي؟

؟

؟

_ امداد حسيني