Warning: count(): Parameter must be an array or an object that implements Countable in /home4/sindh5sl/sindhila.edu.pk/portal_kids/components/com_k2/models/item.php on line 881

رنگ سڃاڻ (بيت)

اوهان کي وڻيو؟ گھڻا ستارا ڏيندا؟
(0 ووٽَ)

آڊيو گيت

 

ڇوڪَرَ توکي رنگ ڏيکارِيان،

رنگ سُڃاڻڻ توکي سيکارِيان!

ڏِس هن رنگ جو نالو ڇاهي؟

رنگ اهو تان ڳاڙهو آهي.

 

ڳاڙهي رنگ جي صُورت اهڙي،

چُهنبَ چَتُونءَ جي آهي جَهڙي.

 

ٻيو جو هي تُون رنگَ ڏِسين ٿو،

زردو جهڙو هيڊ پَسين ٿو.

 

تَنهن جو نالو آهي پِيلو،

ٽيون هي آسماني يا نِيلو!

 

نِيرَ ۽ اُڀَ جو رنگ اِهو ٿيو،

نالو تَنهن جو تڏهن اِهو پيو.

 

اصلي رنگ اِهي ٿيا ٽيئي،

جُڙن اِنهيءَ مان ٻيا سَڀيئِي!

 

_ محمد صديق ”مسافر“


Warning: count(): Parameter must be an array or an object that implements Countable in /home4/sindh5sl/sindhila.edu.pk/portal_kids/templates/sla_4kids/html/com_k2/templates/default/item.php on line 280