واهه ڙي تارا (بيت)

اوهان کي وڻيو؟ گھڻا ستارا ڏيندا؟
(3 ووٽَ)

آڊيو گيت

واههَ ڙي تارا گول تارا!

روشن تارا چِلڪي وارا!

 

سانجهي ٽاڻي نِڪرو ٿا،

اُڀَ سَڄي ۾ پَکڙو ٿا.

 

چِلڪو چِمڪو سارِي رات!

ڪَجي اَوهان جِي ڪَهڙي بات!

 

رات لنگهي يا باقي ڇا،

اوهين بَتايو واٽ اِها.

 

جوتِ اَوهان جِي جي نه هُجي،

واٽَهڙُو ڪَرَ واٽ مَنجهي.

 

_ ڀيرومل غريب

هن ڀاڱي جو وڌيڪ مواد: « جو کير پئي (بيت) آواز »