سچ ڳالهاءِ (بيت)

اوهان کي وڻيو؟ گھڻا ستارا ڏيندا؟
(0 ووٽَ)

آڊيو گيت

آءٌ نه ڪڏهين ڪوڙو ٿيندس،

ساهه سدائين سچ تي ڏيندس

 

ڪُوڙ چوان تان پَتِ وِڃايان،

هِتي هُتي نِتِ پاڻ لَڄايان.

 

سَڀئي ڪُوڙو ڪُوڙو چَوندم،

پاسي ۾ پوءِ ويهڻ نه ڏِيندم.

 

سَچ چوڻ سان ملندم پيارُ

ڪڏهين ٿيندس ڪِينَ خُوار.

 

مُون کي ڏي تون سَگهه ڌڻي،

سَچ سان رکان دل گهڻي.

_ مرزا قليچ بيگ