گيت ڌڻيءَ جا گڏجي ڳايون (حمد)

اوهان کي وڻيو؟ گھڻا ستارا ڏيندا؟
(7 ووٽَ)

آڊيو گيت

گيت ڌڻيءَ جا گڏجي ڳايون

گيت ڌڻيءَ جا گڏجي ڳايون!

جو ٿو ٿڌڙا مينهن وسائي،

باغن ۾ جو انب پچائي،

ويس گلن کي جو پهرائي،

اَن پچائي، گاهه اُپائي،

عرش ۾ جو تارا ٽمڪائي،

تنهن مالڪ کي سڀ ساراهيون،

گيت ڌڻيءَ جا گڏجي ڳايُون!

_ ڪشنچند ”بيوس“

هن ڀاڱي جو وڌيڪ مواد: پيارو نبي اسان جو (نعت) »