قائد اعظم

اوهان کي وڻيو؟ گھڻا ستارا ڏيندا؟
(0 ووٽَ)

آڊيو گيت

قائداعظم جا ڳُڻ ڳايو،

جنهن  هي پاڪستان بنايو.

 

محنت محنت محنت محنت،

محنت ۾ ئي آهي عظمت.

قائداعظم هو فرمايو،

جنهن هي پاڪستان بنايو.

 

علم اوهان جي قسم آهي،

وقتُ وڏي هڪ دولت آهي.

قائداعظم هو فرمايو،

جنهن هي پاڪستان بنايو.

 

سڀئي پاڪستاني آهيون،

گڏجي پاڪ وطن کي ٺاهيون،

قائداعظم هو فرمايو،

جنهن هي پاڪستان بنايو.

 

 

 - علي محمد ”مجروح“