پاڻ سڳورا (نعت)

اوهان کي وڻيو؟ گھڻا ستارا ڏيندا؟
(1 ووٽُ)

آڊيو گيت

جِيءَ جِيارا پاڻَ سڳورا،

سَڀ کان پيارا پاڻ سڳورا.

 

دوستُ هُجي يا دُشمن چاهي،

سڀني لئه ٻاجهارا آهن.

جِن جو ڪوبه سَهارو ناهي،

تِن جي لاءِ سهارا آهن.

 

جيءَ جيارا پاڻ سڳورا،

سڀ کان پيارا پاڻ سڳورا.

 

هِيڻن سان هَمراههُ سدائين،

ڪمزورن جي طاقت آهن.

ٻارو ڏينهَن قِيامت تائين،

ساري جڳ لئه رحمتَ آهن.

 

جِيءَ جيارا پاڻ سڳورا،

سڀ کان پيارا پاڻ سڳورا.

 

 - امدا حسيني