Warning: count(): Parameter must be an array or an object that implements Countable in /home4/sindh5sl/sindhila.edu.pk/portal_kids/components/com_k2/models/item.php on line 881

گلاب جو گل (بيت)

اوهان کي وڻيو؟ گھڻا ستارا ڏيندا؟
(0 ووٽَ)

آڊيو گيت

گُلن ۾ گُلابِي مَزيدار گُلُ،

چنبيلي ۽ موتئي جو مهندار گُلُ.

 

وڻي واهه دِل کي گلابي ٿو رنگ،

ٿيو سُونهن ساوَڪ جو سينگار گُلُ.

 

پَکِي توڙي انسان سڀ کي پسند،

ٿئي آدمين جي ڳچيءَ هار گُلُ.

 

سندس بُوءِ سُرهي ۽ ڏاڍي سُٺِي،

ڪري عطر کي ٿو هي نروار گُلُ.

 

سڳوري ڌَڻيءَ جي ڀَلائِي گهڻي،

ميضن جو بيحد مددگار گُلُ.

 

گُلن جيئن رسايو سڀن کي سُڳنڌ،

ته هرڪو اوهان سان ڪري پيار گُلُ.

 

-محمد صديق ’مسافر‘


Warning: count(): Parameter must be an array or an object that implements Countable in /home4/sindh5sl/sindhila.edu.pk/portal_kids/templates/sla_4kids/html/com_k2/templates/default/item.php on line 280