ڀَڃُ پرولي (بيت)

اوهان کي وڻيو؟ گھڻا ستارا ڏيندا؟
(0 ووٽَ)

آڊيو گيت

هيڏڙو هيڏڙو پاڻ،

جنهن کي سَئو سُيُن ساڻ!

جيڪو آهي سڄُاڻ،

سو ڀڃي پرولي هاڻ.

؟

؟

؟

 

...................................

اُس ۾ آءٌ اچان ٿو،

ڇانءُ ۾ آءٌ ڀڄان ٿو،

ادڙي! ادڙا! توکان،

پنهنجو نانءُ پُڇان ٿو!

؟

؟

؟

 

..............................

ويري آهي اوندهه جو،

رات سڄي هو جاڳي ٿو،

سارو ڏينهن سُتو پيو آهي،

اوهين ٻُڌايو ڇا هي سو؟

؟

؟

؟

 

.............................

ڪچي کاڄي، رڌل کاڄي،

اڇي ڪُڪڙ، سائو پُڇُ،

سانڌاڻو به ٺهي اُن جو،

پيارا ٻالڪ! هاڻ ته ڪُڇُ!

؟

؟

؟