Warning: count(): Parameter must be an array or an object that implements Countable in /home4/sindh5sl/sindhila.edu.pk/portal_kids/components/com_k2/models/item.php on line 881

سائينءَ جي ساراهه (حمد)

اوهان کي وڻيو؟ گھڻا ستارا ڏيندا؟
(8 ووٽَ)

آڊيو گيت

ڌڻِيءَ جا اَسين گيت ڳايُون سَدا،

اڳِيان تَنهِن جي سِرُ پڻ نمايون سَدا.

 

اُڀايو جَهين آهه، سارو جَهانُ،

ڪَيو آهه پَيدا، زَمين آسِمانُ.

 

پَکِي، جِيت، ماڻُهو، مِرُون بي شُمار،

سِجُ ۽ چَنڊ تارا، هَزارين هَزار.

 

هَوا، باههِ، پاڻي ضرُوري شَيُون،

اُپايُون اَٿَسِ جي، مِلَنِ بي مُلهيون.

 

وَڏائِيءَ سَندس جا وَڏا ٿيا بَيانَ،

نه طاقت رَکي ٿي اَسان جي زِبان.

 

اَسان کي ڏِئي شالَ، سَگهه سو ڌَڻِي،

ڪريُون يادگِيري، سَندس تان گَهڻِي.

 

محمد صديق ’مسافر‘ 


Warning: count(): Parameter must be an array or an object that implements Countable in /home4/sindh5sl/sindhila.edu.pk/portal_kids/templates/sla_4kids/html/com_k2/templates/default/item.php on line 280
هن ڀاڱي جو وڌيڪ مواد: گلاب جو گل (بيت) »