آئي رُت بسنت جي، ٽِلِي سڀڪا ٽار،
موتيو، مگرو، زعفران، چنبيلي چوڌار،
کستوري خوشبوءِ ٿي، ڀريا ڀَونر هزار،
باتيون ڪَن بُستان ۾، بُلبلن جا دُئار-
سُڻ ڀوريءَ جي ڀُڻڪار!
آئي رُت بسنت جي، پکين سَرهائي،
سينو ڪڍيو، چهنبون پٽيو، ڏين وڻ وڻ واڌائي،
چوٽِيَرَ ٽيڙي چوٽي، لات مٺي لائي،
انبن مٿان اُسري، طوطي ڪئي تنوار-
سُڻ چَتونءَ جي چُونگار!
پَٽن کي پهراڻ پيو، ڏس قادر جو ڪم!
چيهو چِلُ چڱو ٿيو، سائون، ڳنڍير، ڳم،
پاريهل خوشيءَ مان، دم دم ڀري دم،
ڀَتَلَ مٿان ڀُڻندي، اگن ڪيا اُچار-
سُڻ هُڙيءَ جي هُونگار!
کائي ويٺي کيٽ کي، ڏس ٻوڙيءَ جا پار،
کنيون کانڀاڻي هٿ ۾، ٻَنيرنِ جا ٻار،
هڻن گُليلا هن کي، هڪل ڪيو هاڪار،
مٿان لنگهندي مُوسِڙي، عجب ڪيا اظهار-
سُڻ جِهرڙ جي جُهونگار!
وڻن مٿان مورَ ٿِي، جهمڪڻ لڳو جهنگ،
سونهي ٿو سبزيءَ کان، سڀ ڪو دڙو دنگ،
واکاڻيو واحد کي، چِيهَن چوري چنگ،
ٽپندي ڪنهن ٽاريءَ تي، ڪئي گاڏيرِڻ گفتار-
سُڻ ٽِڪليءَ جو ٽُونڪار،
سُڻ پکين جي لَلڪار.