تُون حبيبُ، توُن طبيبُ، تون دردَ جو دارُون،
دوا آهِنِ دل کي، تُنهنجيون تنوارُون،
ڪريان ٿي ڪارُون، جئن ٻُڪي ٻِئنِئُون نه ٿئي.
تُون حبيبُ، تُون طبيبُ، تُنهمِ ڊَٺَن ڊَبُ،
تُون ڏيين، تُوڳن لاهيين، تُنهمِ هادِي ربُ،
آهمِ اِيءُ عجبُ، جئن وارئو ويڄ وِهاريين.
تُون حبيبُ، تُون طبيبُ، تون دارُون کي دَردَنِ،
تُون ڏيين، تُون لاهيين، ڏاتَرَ! کي ڏُکندَنِ،
تڏهن ڦَڪِيون فَرَقُ ڪَنِ، جڏهن اَمرُ ڪَرِهو اُنِ کي.
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه